حشمتراءِ ڇٻلاڻي

حشمتراءِ ڇٻلاڻي: حشمتراءِ ڇٻلاڻي 1889ع ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کان ئي ذهين هو. اسڪول جي پڙهائيءَ دوران ’اسڪالرشپ سنڌ‘ کنيائين. تاريخ ۽ اڪانامڪس ۾ ايم. اي ڪيائين. ابتدا ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ ’دڪشڻا فيلو‘ مقرر ٿيو. پوءِ بي. بي مظفر جوڌپور، بنارس هندو يونيورسٽيءَ ۽ بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پروفيسر رهيو. ڪجهه وقت حيدرآباد جي ڏيارام گدومل نيشنل ڪاليج جو پرنسپال رهيو. 1929ع ۾ بئنڪنگ انڪوائري ڪمپنيءَ جو ميمبر مقرر ٿيو. سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جو سوال اٿيو ته هن انهيءَ رٿ جي مخالفت ڪئي. سندس چوڻ هو ته: ”سنڌ ڌار ٿيندي، ته سنڌ جو پرڳڻو پنهنجو خرچ ڀري نه سگهندو ۽ سموري کوٽ صرف هندن کي ڀرڻي پوندي“. هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيائين، جنهن ۾ سرڪار جي ڇپايل رپورٽن وغيره مان انگ اکر ڏيئي ثابت ڪيائين ته 1847ع کان وٺي جيئن سنڌ جو پرڳڻو بمبئي کاتي سان گڏيو آهي، تيئن هر سال بمبئي سرڪار کي ڪيترو نقصان پيو آهي. اسان جو پرڳڻو پنهنجي خرچ تي پاڻهي ئي پورو پئجي سگهي ٿو. سندس انهيءَ ڪتاب پروفيسر ڇٻلاڻيءَ کي سڄي هندستان ۾ وڏي شهرت ڏني. هن جا هندستان جي ’ڪرنسي ۽ بئنڪن‘ ۽ هندستان جي مسئلن بابت به انگريزيءَ ۾ ڪجهه ڪتاب به لکيل آهن. هندستان جي انتظام ۽ ملڪي جوڙجڪ تي به ڪتاب لکيائين. انگلينڊ جي تاريخ ٻن ڀاڱن ۾ (انگريزي) لکيائين. پروفيسر ڇٻلاڻي ڪراچيءَ ۾ ماڊل هاءِ اسڪول کوليو، جيڪو سندس نالي پٺيان ڪوٺيو ويو. ڪراچيءَ جي بندر روڊ واري خدا آباد عامل پنچائت جي جاري ڪيل اسپتال تي به سندس نالو آهي. حشمتراءِ ڇٻلاڻي 1934ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ حشمتراءِ ڇٻلاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو